سنڌي پهاڪا: لساني ۽ سماجي، ثقافتي اڀياس

سنڌي پهاڪا: لساني ۽ سماجي، ثقافتي اڀياس

سنڌي پهاڪا لساني ۽ سماجي ثقافتي اڀياس

سنڌي پهاڪا: لساني ۽ سماجي، ثقافتي اڀياس (ڪتاب): هي ڪتاب هند-سنڌ جي نامور ليکڪ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن کي ديوناگري لپيءَ مان عربي سنڌي رسم الخط ۾ نوجوان ليکڪ ڦلو مل مينگھواڙ الٿو ڪيو آهي. ڪتاب جي نظرثاني سنڌي ادب جي نامور ليکڪا ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا هن دهلي يونيورسٽيءَ ۾ جمع ڪرائي هئي. هي اصل ۾ ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل مقالو هو، جنهن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۾ مروج عربي، سنڌي لپيءَ ۾ آندو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪل پنج باب آهن، جن ۾: سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ پهاڪا، پهاڪن جي بيهڪ ۽ وصف، پهاڪن جو جنم، اوسر ۽ ورهاست، سنڌي پهاڪن جو لسانياتي اڀياس، سنڌي پهاڪن جو سماجي ۽ ثقافتي اڀياس شامل آهن. ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا، خصوصيت، لهجاتي گڻن، ٻوليءَ جي صورتحال، ثقافتي وصفن سميت پهاڪن تي هر لحاظ کان جامع نموني لکيو ويو آهي. ان سميت هر قسم جي پهاڪن کي ڪتاب ۾ شامل ڪري، موسمن جي اثر، معيار ۽ طرز کي زندگيءَ سميت ريتن، رسمن، رهڻي ڪهڻي جي نسبت سان پهاڪن جي سرجڻ جا سبب ڄاڻايا ويا آهن. ڪتاب جي مهڙ ۾ ناشر پاران نوٽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ ’دعا جا ٻه ٻول‘ جي سري سان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ’شڪر گذاري‘ ۽ تعارف جي سري سان ڊاڪٽر روي پرڪاش ۽ مترجم پاران نوٽ ڦلومل مينگھواڙ جو لکيل آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين پاران نظر ثاني ڪرڻ سميت ولي رام ولڀ پڻ ڪتاب جي تصحيح ڪئي آهي.
ڊيمي سائيز ۾ 403 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد سان هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران 2010ع ۾ ڇپيل آهي، ڪتاب جي قيمت 250 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو